سنڌ جي معدني وسيلن ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان، ممتاز ڀٽو

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

ممتاز ڀٽي چيو آهي ته مان سنڌ جي معدني وسيلن ۽ خودمختياري جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان. سنڌ نيشنل فرنٽ طرفان ممتاز ڀٽي جي 73 هين سالگره تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ممتاز ڀٽي جو پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.

ممتاز ڀٽي پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي آجپي لاءِ سنڌين جي ساٿ جي ضرورت آهي جيئن منظم ٿي سنڌ دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي.

سالگره واري تقريب کي گل محمد جکراڻي، ڊاڪٽر قادر مگسي، محمد ابراهيم جويي، خليل قاضي، حسين بخش ٿيٻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

ذريعا