سنڌ جي ٻيٽن کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي محفوظ بڻايو وڃي، عيد کان پوءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

وڪي اخبار کان

فشر فوڪ فورم جي طرفان ڪراچي ۾ هڪ ڪانفرس ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ علمي حلقن شرڪت ڪئي، ڪانفرس ۾ ڏنگي ۽ بڊاڙ ٻيٽن بابت ٿيل فيصلي جي مذمت ڪندي عيد کان پوءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ڪانفرنس ۾ ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي رٿائن کي سنڌ لاءِ نقصانڪار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ويو ته انهن رٿائن کي رد ڪيو وڃي. ڪانفرنس ان ڳالهه کي پڻ رد ڪيو ته ڪو سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي، چيو ويو ته سنڌوءَ جو پاڻي ڊيلٽا جي سموري جيوت لاءِ جياپي جو واحد ذريعو آهي.

مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ بجاءِ انهن کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي محفوظ بڻايو وڃي.

ذريعا