سنڌ جي ڀلوڙ شاعراستاد بخاري کي ڀيٽا

وڪي اخبار کان

استاد بخاري کي ڀيٽا________....زبير زرار منگي


سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن استاد بخاري کي ڀيٽا ڏيندي چيو آهي ته استاد بخاري حساس انسان سان گڏ ڌرتي جو درد رکڻندڙ عوامي شاعر هو. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران استاد بخاري جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اديبن ۽ شاعرن چيو ته استاد بخاري عوامي شاعر هو، جنهن جي شاعري جهر جهنگ ڳائي وڃي ٿي. تقريب کي شمشير الحيدري، تاجل بيوس، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، نصير سومري ۽ ٻين خطاب ڪيو.