سنڌ جي چار ضلعن ۾ تعليمي سڌاري لاءِ فوج کان مدد ورتي ويندي

وڪي اخبار کان

سنڌ جي چار ضلعن سانگهڙ، بدين، عمر ڪوٽ ۽ خيرپور ۾ بند پيل اسڪولن جي سلسلي ۾ فوج کان مدد ورتي ويندي. فيصلي مطابق فوج تعليمي آفيسرن سميت بند پيل يا اوطاقن ۾ تبديل ٿيل اسڪولن ۽ گوسڙو استادن خلاف ڪاروائي ڪندي.

ذريعن مطابق تعليمي ڊپارٽمينٽ فيصلو ڪيو آهي ته مذڪوره ضلعن جي اسڪولن جي نظرداريءَ لاءِ فوج کي موڪليو ويندو. سنڌ جي اهڙي تجويز وفاق قبول ڪري ورتي آهي. انهن ضلعن جي ناظمن ان قدم جي مخالفت ڪئي آهي.

ياد رهي ته اڳ ۾ به فوج کي واپڊا جي اداري ۾ موڪليو ويو هو پر ڪوبه خاطر خواه يا بهتر نتيجو نه نڪتو هو، واپڊا جو ڊپارٽمينٽ جهڙو هو اهڙو ئي رهيو.

ذريعا

Sindh seeks Army’s help to save education system