سنڌ ٽي وي تي پابندي خلاف سموري سنڌ ۾ مظاهرا جاري، احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءَ

وڪي اخبار کان
فائل:Halani protest sindh tv.JPG
ساس هالاڻي جو مظاهرو

20 نومبر 2006

سنڌ ٽي وي کي بنا جواز پيمرا طرفان بند ڪرڻ خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي. سنڌ ٽي وي جي نشريات ٻيهر بحال ڪرڻ جي حوالي سان اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ: هالاڻي، حيدرآباد، ڪراچي، ٺٽو، ميهڙ، کپرو، لاڙڪاڻو وغيره ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ترت سنڌ ٽي وي جي نشريات بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هالاڻي ۾ جبار ملاح جي اڳواڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ هالاڻي جي مختلف سياسي، سماجي حلقن سان واسطو رکندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مظاهري کي خطاب ڪندي جبار ملاح چيو ته سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ڪري سنڌي ماڻهن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چتاءَ ڏنو ته سنڌي ماڻهن کي ايتري ڪاوڙ نه ڏياري وڃي جو سنڌ جا ڪيبل آپريٽر قانونن جي پاسداري به ڇڏي ڏين.

ذريعا