سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاجن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري

وڪي اخبار کان
فائل:Sindhitvbanned.jpg
سنڌ ٽي وي جي حمايت ۾ مظاهرا (فوٽو: هلچل)

17 نومبر 2006

سنڌ ٽي وي جي نشريات پيمرا طرفان بنا جواز بند ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. مظاهرن ۾ هڪدم سنڌ ٽي وي جي نشريات جي بحالي جا مطالبا ڪيا ويا.

ذريعن مطابق ضلعي ڪائونسل هڪ قرارداد ذريعي پابندي واري فيصلي جي مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٽي وي جي نشريات بحال ڪئي وڃي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، مورو، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، دادو، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ صحافين، اديبن، شهرين، سماجي تنظيمن مظاهرن ۾ حصو ورتو. مظاهرين گهر ڪندي چيو ته ميڊيا جي آزادي جي دعوا ڪندي حڪمران ٿڪجن ئي نٿا جڏهن ته سنڌ ٽي وي جي نشريات بنا ڪنهن جواز جي هفتي کان بند ڪئي وئي آهي. انهن مطالبو ڪيو ته سنڌ ٽي وي جي نشريات هڪدم بحال ڪري سنڌين مان بيچيني جي احساس کي ختم ڪيو وڃي.

سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ٿيڻ خلاف صحافين پنجاب اسيمبلي جي اجلاس مان بائيڪاٽ پڻ ڪيو آهي. جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته نشريات جلد بحال ڪئي وڃي.

ذريعا