سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پيمرا طرفان پابندي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا جاري، نشريات جي بحالي جو مطالبو
ڏيک
22 نومبر 2006
سنڌ ٽي وي جي نشريات پيمرا طرفان بند ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات هڪدم بحال ڪئي وڃي.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي تنظيمن احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻا هنيا ۽ علامتي بک هڙتالون ڪيون.
دادو، ميهڙ، پنوعاقل، سيوهڻ، دولت پور صفن، رسول آباد، هنڱورجا ۽ سڳيون سميت سنڌ جي ٻين شهرن مان پڻ مظاهرن جا اطلاع آهن.