سنڌ ٽي وي جي نشريات پاڪستان جي خفيه ايجنسين بند ڪرائي آهي، حزب اختلاف

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

حزب اختلاف جي ميمبرن دعوا ڪئي آهي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات پاڪستان جي خفيه ايجنسين بند ڪرائي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي پ پ جي يوسف ٽالپر چيو ته سنڌي ٽي وي کي بند ڪرڻ پٺيان ايجنسين جو هٿ آهي.

ايم ايم اي جي اڳواڻ قاضي حسين احمد فوج جي ترجمان شوڪت سلطان کي نشريات بند ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو. هن چيو ته پهريان اي آر واءِ ۽ هاڻ سنڌ ٽي وي سان ائين ڪيو ويو. ان مان ظاهر ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد نه آهي.

وفاقي وزير اطلاعات حڪومتي موقف بيان ڪندي چيو ته سنڌ ٽي وي جي نشريات جو بند ٿيڻ هڪ انتظامي مسئلو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته ٽي وي جي نشريات جلد بحال ٿي وڃي.

حزب اختلاف جي پارٽين احتجاج طور واڪ آئوٽ پڻ ڪيو، جڏهن ته پريس گيلري اڳ ئي احتجاج طور خالي پيل هئي. جڏهن وزير اطلاعات صحافين کي يقين ڏياريو ته جلد نشريات بحال ڪئي ويندي تڏهن صحافين احتجاج ختم ڪيو.

ٻئي طرف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نشريات جي بند ٿيڻ خلاف سخت احتجاج مسلسل جاري آهي. مظاهرين نشريات جي بند ٿيڻ کي محروم ماڻهن جي آواز کي بند ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي.

ذريعا