سنڌ ڪابينه ۾ هڪ نئون وزير ۽ 7 صلاحڪار شامل

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

سنڌ ڪابينه ۾ هڪ نئون وزير ۽ 7 صلاحڪار شامل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي گورنر عشرت العباد خان سڀني کان قسم کڻايو.

نئين وزير طور عرفان گل مگسي کي قسم کڻايو ويو جڏهن ته نون صلاحڪارن ۾ ڪشن چند پارواڻي، نصير خان کوسو، دوست محمد ميمڻ، نزهت پٺاڻ، ذوالفقار ڪماريو، عمر شريف ۽ طارق حسن خان شامل آهن.

مذڪوره وزير جو پورٽ فوليو پوءِ ظاهر ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪابينه ۾ شامل ٿيندڙ صلاحڪار نزهت پٺاڻ ڪجهه مهينا اڳ پ پ پ مان استعفا ڏني هئي.

ذريعا