سنڌ گورنمينٽ طرفان حيدرآباد ۾ برساتن سبب آيل تباهيءَ لاءِ ٻه سو ڪروڙ منظور ڪيا آهن، صحت جو صوبائي وزير

وڪي اخبار کان

صحت جي صوبائي وزير شبير احمد قائمخاني چيو آهي ته سنڌ سرڪار تازين برساتن سبب حيدرآباد ۾ آيل تباهيءَ لاءِ ٻه سو ڪروڙ منظور ڪري ورتا آهن. هن اها ڳالهه هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪئي.

هن چيو ته 8 سيپٽمبر کان پوءِ 32 هزار کان مٿي ماڻهن جو علاج ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري مريضن جو علاج ڪيو ويو. حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 15 ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون. هن وڌيڪ چيو ته صرف ايم ڪيو ايم جا وزير اندرين سنڌ جا دورا ڪندا رهيا آهن جڏهن ته اتحادي حڪومت جي ٻين وزيرن مان ڪوبه دوري تي نه ويو آهي.

ذريعا