سنڌ ۾ استاد تنظيم تي پابندي، پوليس ستايل هڪ استاد ٻڌائي ٿو

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

سنڌ حڪومت پراسرار طور اوچتو سنڌ ۾ استاد تنظيم تي پابندي مڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ جا استاد سراپا احتجاج بنجي پيا. 21 آگسٽ تي ڪراچي ۾ استاد تنظيمن جي سڏ تي هزارين استاد احتجاج ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.

انهن مان ئي هڪ استاد جو چوڻ آهي ته مان پوليس جا ڏنڊا ۽ زيادتيون برداشت نٿو ڪري سگهان منهنجي لاءِ بهتري ان ۾ آهي ته حق گهرڻ بجاءِ خاموش ٿي ويهي رهان.

مذڪوره استاد چيو ته پوليس استادن سان اهڙي هلت ڪئي ڄڻ هو پڙهائيندڙ نه پر قانون جا ڏوهاري هئا. استادن کي 21 آگسٽ تي ائين ڪٽيو ويو جيئن ماڻهو جانورن کي ڪٽيندا آهن. منهنجي پٺن ۽ ڪلهي ته اڃا تائين پوليس جي ڏنڊن جا نشان موجود آهن.

سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچرارز ايسوسئيشن جي صدر اطهر حسين چيو ته استاد تنظيمن تي پابندي ان ڪري وڌي وئي جو انهن اسڪولن کي خانگائڻ جي مخالفت ڪئي هئي. اسان تعليمي سڌارن جي حق ۾ آهيون. اسان اهڙي ڪنهن به رٿا جو حصو نٿا بنجڻ چاهيون جنهن ۾ تعليم کي نقصان پهچڻ جو امڪان هجي.

ذريعا