سنڌ ۾ رينجرز جي مستقل رهائش لاءِ کين زمين ڏني ويندي، حڪومت جو فيصلو

وڪي اخبار کان

سنڌ ۾ رينجرز جي مستقل رهائش لاءِ کين زمين الاٽ ڪئي ويندي جيئن اهي مستقل طور هتي رهي سگهي. سنڌ حڪومت 1994ع ۾ رينجرز کي گهرايو هو جنهن کان پوءِ اهي مسلسل سنڌ ۾ رهيا پيا آهن. ڇاڪاڻ ته هر سال جون جي مهيني ۾ انهن جي مُدي ۾ واڌ ڪئي ويندي رهي آهي.

سرڪاري ذريعن مطابق جيئن سرحد ۽ بلوچستان ۾ ايف سي ۽ رينجرز موجود آهن اهڙي طرح سنڌ ۾ به مستقل طور رينجرز رهندي ۽ کين سنڌ جي زمين الاٽ ڪئي ويندي. هر سال آءِ جي سنڌ کان هڪ رسمي درخواست لکرائي ويندي آهي جنهن ۾ گهر ڪيل هوندي آهي ته صوبي ۾ پوليس ۽ ان جون سهولتون اڻ پوريون آهن تنهنڪري رينجرز جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي وڃي.

ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا مختلف ڪاليج، اسڪول، تعليمي ادارا، راند جا ميدان وغيره رينجرز جي حوالي ٿيل هئا. هاڻ رينجرز مستقل رهائش لاءِ زمين ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ياد رهي ته رينجرز ڪورنگي ۾ سو ايڪڙ، بن قاسم ۾ پنجاهه ايڪڙ، لانڍي ۾ چويهه ايڪڙ، ڪياماڙي ۾ پنجاهه ايڪڙ، گهوٽڪي ۾ هڪ سو نوي ايڪڙ، سانگهڙ ۾ سو پنجهتر ايڪڙ، خيرپور ۾ پنجهتر ايڪڙ، عمرڪوٽ ۾ سو ايڪڙ، ٿر ۾ ٻه سو ايڪڙ ۽ ساڳي طرح حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پڻ زمين ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

ذريعا