سنڌ ۾ هن سال 475 عورتن کي قتل ڪيو ويو، عورت فائونڊيشن پاران ظاهر ڪيل انگ اکر

وڪي اخبار کان

28 ڊسمبر 2006

عورت فائونڊيشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هن سال سنڌ ۾ 475 عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گذريل سال اهو تعداد 384 هو.

عورت فائونڊيشن جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورو سال ڪارو ڪاري جي نالي ۾ عورتن جو قتل عام جاري رهيو. 130 مردن کي پڻ ڪارو هجڻ جي الزام تحت قتل ڪيو ويو.

رپورٽ مطابق 12 نابالغ ڇوڪرين کي زوري جنسي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو. جڏهن ته 30 عورتن کي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جرڳن تي پابندي بعد جرڳن ٿيڻ جو رجحان ويتر وڌي ويو. جنهن مان 90 جرڳا رڳو ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي اغوا متعلق ٿيا هئا.

ذريعا