سنڌ ۾ ٿيل برساتي تباهين تي مرڪز توڙي پنجاب ڪابه مدد نه ڪئي آهي، ممتاز ڀٽو

وڪي اخبار کان

سنڌي قومي اتحاد جي چيئرمين ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي اڳواڻ ممتاز ڀٽي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيل حاليه برساتن جي تباهي لاءِ مرڪزي حڪومت توڙي ٻئي ڪنهن صوبي ڪابه مدد نه ڪئي آهي.

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ممتاز ڀٽي چيو ته سنڌ زلزلي متاثرين جي هر سطح تي مدد ڪئي هئي، سنڌ جو 65 سيڪڙو ريوينو زلزلي متاثرين جي واهر طور ڏنو ويو هو پر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي ڪابه مدد نه ڪئي ويئي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جو بلوچستان سان رويو بنگلاديش وارو ساڳيو آهي ۽ وزيرستان ۾ پڻ شهرين کي ماريو پيو وڃي.

هن چيو ته صدر سٺ ڄڻن جو وفد وٺي پرڏيهه جا دورا ڪري رهيو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ برسات جي تباه حال ماڻهن جي ڪابه واهر نه پئي ڪئي وڃي.

ذريعا