سنڌ ۾ ٿيل ضمني چونڊن جا غير سرڪاري نتيجا پڌرا ٿي ويا

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

سنڌ ۾ ٿيل ضمني چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا پڌرا ٿي ويا آهن جنهن مطابق تعلقي حيدرآباد جي يو سي ۾ ايم ڪيو ايم جو اشتياق راجپوت ڪامياب ٿي ويو آهي.

ذريعن مطابق ضلعي ڪشمور ۾ عوامي اتحاد جو ناظم اميدوار عبدالخالق مزاري ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي ڇهن يو سيز مان سٽي يو سي 3 تي خوشحال پاڪستان جي عظيم ميراڻي، يو سي 6 مان خوشحال پاڪستان جي نورجهان پنهور، يو سي 8 مان عوام دوست پينل جي ڪلثوم شيخ، يو سي بنگل ديرو ۾ عوام دوست جي امتياز ڀٽو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

يو سي وارث ڏنو ماڇي مان سنڌ نيشنل فرنٽ جي اميدوار ڏنو ماڇي ۽ عوام دوست پينل جي نثار احمد ڪاميابي ماڻي. يو سي ڏوڪري مان خوشحال پاڪستان جي شمن جوڻيجو، جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي خوشحال پاڪستان جي فردوس شاهين چونڊجي وئي آهي.

ذريعا