سنڌ ۾ ڊينگو وائرس جا 78 نوان ڪيس ظاهر، سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ مطابق سنڌ ۾ گذريل خميس جي شام کان وٺي هن وقت تائين ڊينگو وائرس جا 78 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڊينگو وائرس متاثرين کي ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيو ويو آهي.

خبرن مطابق ٻه ڊينگو وائرس متاثر فوت پڻ ٿيا آهن. انهن ٻن فوتين سميت ڊينگو وائرس متاثر فوتين جو ڪل تعداد هاڻ 27 ٿي ويو آهي.

ذريعا