سنڌ ۾ 5 ڊينگو وائرس متاثر فوت، 53 نوان مريض ظاهر

وڪي اخبار کان

22 آڪٽوبر 2006

سنڌ ۾ 5 ڊينگو وائرس متاثر فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 53 نوان مريض مختلف اسپتالن ۾ آندا ويا آهن. اهڙي طرح ڊينگو وائرس متاثر فوتين جو تعداد گذريل چئن مهينن دوران 25 ٿي ويو آهي.

ذريعن مطابق 5 فوتين مان ٻه ڪراچيءَ جا جڏهن ته باقي ٽي سنڌ جي ٻهراڙيءِ وارن علائقن مان هئا.

ياد رهي ته ان خطرناڪ وائرس متاثرين جو تعداد ڀارت ۾ 5000 کان مٿي ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته فوتين جو تعداد گذريل آگسٽ کان وٺي 94 ٿي ويو آهي.

ذريعا