سوڊان: هڪ هفتي ۾ 27 ٻارن سميت 63 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، آفريڪي امن فورس
ڏيک
4 نومبر 2006
آفريڪي امن فورس جي ذريعن مطابق سوڊان جي ويڙهه وارن علائقن ۾ حڪومت جي حامي مليشيا هڪ هفتي اندر 27 ٻارن سميت 63 ماڻهن جو قتل ڪيو آهي.
اٺن ۽ گهوڙن تي سوار حڪومتي حامين جن کي سرڪاري ڊريسون پاتل هيون 19 آڪٽوبر تي ڏکڻ دافور علائقي جي اٺن ڳوٺن ۽ جبيل ڪيمپ تي حملو ڪري ڏنو جنهن سبب اهي ماڻهو مارجي ويا.
هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهيءَ قتل عام مان ايترو ثابت ٿي چڪو آهي ته سوڊان جي حڪومت مليشيا کي غير مسلح ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي وئي آهي ۽ مليشيا جي ذريعي عام شهرين کي ماريو پيو وڃي.