سياحت جو ڏهاڙو ۽ حڪومتي ذميواريون

وڪي اخبار کان

سياحت جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جا سياحتي ماڳ: رپورٽ: زبير زرار منگي..

                   اڄ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد دنيا ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ آهي.
                   سياحت وارو شعبو دنيا ۾ انڊسٽري واري صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڀارت، والاريل ڪشمير، مصر، ترڪي ۽  ايران سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ سياحتي مرڪز بڻجي ويا آهن.
                  پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي ڪوششون مڪمل طور تي ناڪام ويون آهن، پاڪستان ۾ سياحت جي حوالي سان سنڌ جي تاريخي ماڳن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
                گذريل سال وفاقي حڪومت سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وزٽ پاڪستان 2007 جي نالي سان سال ملهايو، جنهن ۾ به سنڌ جي تاريخي آثارن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري سياحت جي شعبي کي اسرڻ ئي نه ڏنو ويو آهي.  سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو، مڪلي، چوڪنڊي جو قبرستان، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ڪوٽڏيجي جي قلعي سميت مختلف سياحتي مرڪزن ۾ ڪي به سهولتون ميسر نه ڪيون ويون آهن.
                پاڪستان سميت عالمي طور تي دهشتگردي وڌڻ بعد سياحت وارو شعبو سخت متاثر ٿيو آهي، عالمي سطح تي مصر ۾ گذريل هفتي دوران 11پرڏيهي سياح جن  ۾ 5 جرمن، 5 اطالوي ۽ هڪ روماني سياح ۽  ٽريول ايجنسي جي 8 ملازمن سميت 19 ڄڻن کي سفاري ڊرزٽ واري علائقي ۾ سوڊان سان ملندڙ سرحد وٽان اغوا ڪيو ويو جنهن  سبب مصر جي سياحت واري شعبي کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
                مصر جي احرامن ۽ ٻين تاريخي آثارن تي پرڏيهي سياحن جي دلچسپي سبب سياحت انڊسٽري جو شعبو اختيار ڪري ورتو آهي ۽ هزارين خاندان ان ڌنڌي سان سلهاڙيل آهن، جڏهن ته  ملڪي معيشت جو 6 سيڪڙو ناڻو سياحت وارو شعبو ڏيندو آهي.
                ٽوئرسٽ ايجنسين جو چوڻ آهي ته سفاري ڊزرٽ جي علائقي ۾ اغوا واري وارڌات پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو آهي، پر تنهن هوندي به پرڏيهي سياح ڪافي خوفزدهه آهن ۽ اهي مصر اچڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن.

پاڪستان جي علائقن سوات ۽ باجوڙ سميت ٻين وادين ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگردي جون ڪارروائيون ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن سبب سياحن جي دلچسپي ختم ٿي وئي آهي.

              سنڌ جي سياحت مرڪزن موهن جو دڙو، مڪلي، چوڪنڊي جو قبرستان، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ڪوٽڏيجي جي قلعي سميت مختلف سياحتي ماڳن  ۾ نه ڪو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو ڪو واقعو پيش آيو آهي ۽ نه ڪنهن ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح کي اغوا ڪيو ويو آهي پي تنهن باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سنڌ ۾ سياحت واري شعبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪي خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهيون آهن.
                 سنڌ جو  ثقافت کاتو موهن جو دڙو، مڪلي، چوڪنڊي جي قبرستان ۽ ٻين تاريخي آثارن تي جديد سهولتون ميسر ڪرڻ جي دعويٰ ته ڪري پيو پر اڃان تائين ڪم صرف فائيلن ۾ ٿئي  پيو، جڏهن ته تاريخي آثارن تي ڪو به عملي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته آرڪيالاجي جا ماهر پڻ حڪومتي دعوائن کي صرف دعوائون سمجهن ٿا.
                 سياحت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان صدر آصف زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي  ته پاڪستان ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، گنڌرا جون تهذيبون ۽ ڀرپور ثقافت ۽ سياحن لاءِ جنت آهن، جتي هر سال دنيا جي مختلف ملڪن کان هزارين ماڻهو گهمڻ اچن ٿا.

صدر آصف علي زرداري سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي سياحن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته سيلاني پاڪستان اچن ۽ دنيا جي قديم تهذيبن جي ثقافتي ورثي ۽ قدرت جي عطا ڪيل خوبصورت منظرن جو مشاهدو ڪن.

               هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سميت پاڪستان جي ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن تي ايندڙ سياحن کيِ جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ حڪومت کوکليون دعوائون ڪرڻ بجاءِ عملي قدم کڻي ته جيئن پاڪستان ۾ به  سياحت واري شعبي کي هٿي وٺرائي سگهجي.