سي بي آر جي نئين جوڙجڪ جو فيصلو

وڪي اخبار کان

سي بي آر جي نئين جوڙجڪ جو فيصلو...رپورٽ: زبير زرار منگي..

ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته سي بي آر جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ان ۾ نجي شعبي کي به شامل ڪيو ويندو. لاهور ۾ چيئمبر آف ڪامرس جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته ملڪ مان غربت جو خاتمو آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، زراعت ۽ واپار وارين پاليسين کي درست ڪيو ويندو. هن چيو ته زرعي شعبي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو پر هن وقت تائين ان کي نظرانداز ڪري ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ناڪام ثابت ٿي آهي. هن چيو ته سي بي آر صنتعڪارن ۽ واپارين کي هراسان ڪرڻ بند ڪري. شوڪت ترين چيو ته ملڪ جو معاشي نظام تمام گهڻو منجهيل آهي ۽ انڪم ٽئڪس ۽ ويليو ايڊٽ ٽئڪس کانسواءِ ٻيا ڪي به ٽئڪس نه هجڻ گهرجن، ملڪ ۾ ٽيڪسز جي وصولي وارو نظام بهتر بڻائڻو پوندو. هن چيو ته بجلي اگهن وارو فارمولو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته بجلي پيدا ڪندڙ ادارا پنهنجي منهن بجلي اگهه وڌائي رهيا آهن.