سپريم ڪورٽ طرفان گوادر ۾ الاٽمينٽ رد، بلوچ اڳواڻن طرفان فيصلي جي آجيان

وڪي اخبار کان

21 آڪٽوبر 2006

سپريم ڪورٽ حڪومت طرفان گوادر ۾ سرڪاري زمينن جي ڪيل الاٽمينٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. الاٽمينٽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي نالن تي ڪئي وئي هئي.

ٻئي طرف بلوچستان جي قوپرست ڌرين ان فيصلي جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ان سان گڏوگڏ فوجين کي ٿيل الاٽمينٽ کي پڻ رد ڪيو وڃي.

نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان پوءِ احتجاجي طور استعفا ڏيندڙ رئوف مينگل چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو بهتر آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته بلوچ عوام کي ڪيتري قدر انصاف ملي ٿو.

ياد رهي ته عدالت گذريل پنجن سالن جو سمورو رڪارڊ پڻ جاچ لاءِ گهرائي ورتو آهي ۽ اهو فيصلو هڪ عورت طرفان داخل هڪ درخواست تي ڏنو ويو.

ذريعا