شام مان لبنان طرف هٿيار اسمگل ٿي رهيا آهن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو سيڪيورٽي ڪائونسل کي خط

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان سيڪيورٽي ڪائونسل کي هڪ خط ذريعي چيو آهي ته شام کان لبنان طرف هٿيار اسمگل ٿي رهيا آهن.

ذريعن موجب هن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته گڏيل قومن جي ماهرن کي اها ڳالهه نظر آئي آهي ته لبنان جي شام سان ڳنڍيل ايئرپورٽ، سامونڊي پورٽس ۽ ٻين داخلا ذريعن وٽان شام مان لبنان ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ ٿي رهي آهي.

عنان وڌيڪ چيو آهي ته لبنان هٿيارن جي اهڙي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي. اسمگلنگ جي باري ۾ مسلسل اهڙيون رپورٽون ملي رهيون آهن پر ان ڳالهه جي خاطري اڃا نه ٿي سگهي آهي.

ڪوفي عنان جو چوڻ هو ته لبنان جي ان سلسلي ۾ مدد ڪئي ويندي ته جيئن هو ان مسئلي کي منهن ڏئي سگهي.

ذريعا