شاگردياڻين طرفان فلسطين اسرائيل تڪرار جي انوکي رٿ پيش

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

آمريڪي رياست نيوجرسي جي رٽگيرز يونيورسٽي جي ڪجهه شاگردياڻين فلسطين ۽ اسرائيل تڪرار جو هڪ نئون حل ڳولي ورتو آهي.

انهيءَ صدين جي تڪرار کي حل ڪرڻ واسطي مذڪوره شاگردياڻين رهائش لاءِ هڪ ئي ڇت هيٺان رهڻ شروع ڪيو آهي، انهن شاگردياڻين ۾ 5 يهودي، 3 مسلمان، هڪ هندو ۽ هڪ عيسائي شامل آهن.

انهن ڇوڪرين جو چوڻ هو ته هڪٻئي سان گڏ رهي اسان محبتون ورهائينداسين. آمريڪي حلقا شاگردياڻين جي ان قدم کي ساراهي رهيا آهن.

ذريعا