شعيب اختر تي ٻه سال ۽ محمد آصف تي هڪ سال پابندي، ڊوپنگ ٽريبيونل جو فيصلو

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

پاڪستان جي ٻن کلاڙين تي بندشيل دوائن واپرائڻ سبب ڊوپ ٽريبيونل شعيب اختر تي ٻن سالن لاءِ ۽ محمد آصف تي هڪ سال لاءِ پابندي وجهي ڇڏي آهي. ٻنهي ڄڻن کي ان وقت تائين ڪي به مراعاتون نه ڏنيون وينديون.

ڊوپ ٽريبيونل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جوڙيو ويو هو. ياد رهي ته ٻئي فاسٽ بالر پنهنجو ڏوه مڃي چڪا آهن ته انهن بندشيل دوائن جو استعمال ڪيو هو.

ذريعا