شعيب اختر ۽ محمد آصف تان پابندي ختم، هڪ تي ٻه سال ۽ ٻئي تي هڪ سال پابندي لڳائي وئي هئي

وڪي اخبار کان

5 ڊسمبر 2006

اينٽي ڊوپنگ اپيل ڪاميٽي پاڪستاني فاسٽ بالر تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ کين وارننگ ڏني وئي آهي ته هو اڳتي اهڙيون دوائون نه واپرائيندا.

فيصلي جو اعلان هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي اپيل ڪاميٽي جي سربراه جسٽس رٽائرڊ فخرالدين جي ابراهيم ڪيو.

ٻنهي فاسٽ بالرن تي ممنوعه دوائن جي استعمال جي ڏوهه ثابت ٿيڻ سبب سندن ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.

ذريعا