شعيب ۽ آصف بي ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اي ٽيسٽ سچي ثابت ٿي

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني ڪرڪيٽ کلاڙين بي ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي انهن ٻنهي کلاڙين جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي هئي.

انڪوائري ڪاميٽي جي سربراه چيو آهي ته طريقه ڪار مطابق جيڪڏهن ڪنهن کلاڙي کي پنهنجي ٿيل ٽيسٽ تي ڀروسو نه آهي ته ان جي بي ٽيسٽ ڪرائي سگهجي ٿي. ٻنهي کلاڙين جي انڪار اي ٽيسٽ کي سچو ثابت ڪري ڇڏيو آهي.

چيو ويو آهي ته ان جي سزا ٻن سالن جي پابندي ٿي سگهي ٿي پر رعايت جي صورت ۾ کين ڇهن مهينن جي سزا پڻ لڳي سگهي ٿي ان صورت ۾ ٻئي کلاڙي ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ نه کيڏي سگهندا جيڪو مارچ 2007 ۾ ٿيڻو آهي.

ذريعا