شڪارپور لڳ همايون ٿاڻي جي حد ۾ اڄ صبح قمبراڻي ۽ مارفاڻي قبائلي جهيڙي ۾ ٺاپر نه آئي هڪ ٻئي جي ڳوٺن تي حملا قمبراڻي ڌر جا 2 ڄڻا قتل 3 زخمي .

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر جا ذريعا يا حوالا لکيل نه آهن، خبر جا ذريعا لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


شڪار پور لڳ همايون ٿاڻي جي حد ۾ قمبراڻي ۽ مارفاڻي برداري جي هڪ سال کان جاري قبائلي جهيڙي ۾ ٺاپر نه اچي سگهي اڄ صبح مارفاڻي برادري جي هٿياربندن قمبراڻين جي ڳوٺ تي حملو ڪري 2 ڄڻن محمد ايوب ولد محمد سچل بکراڻي ۽ عبدالحئي عرف لالائي بکراڻي کي شديد فائرنگ ڪري قتل ۽ ٽن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري وڌو . واضح رهي ته هڪ سال اڳ پاڻي جي مسئلي تان قمبراڻي برادري پاران مشهور پاٿاريدار طوطو مارفاڻي کي قتل ڪرڻ کان بعد شروع ٿيل قمبراڻي ، مارفاڻي جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا هن مهل تائين 40 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن . جڏهن ته ضلعي ۽ صوبائي حڪومت توڙي پوليس انتظاميا قمبراڻي ، مارفاڻي جهيڙي کي روڪڻ ۾ مڪمل ٿي ناڪام ٿي چڪي آهن .