شڪارپور ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا اجل جو شڪار، 12 زخمي

وڪي اخبار کان

22 آڪٽوبر 2006

شڪارپور ڀرسان هڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 12 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن مسافرن سان ڀريل وين هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.

چيو ويو آهي ته زخمين کي مقامي اسپتال آندو ويو آهي. چئن ڄڻن کي اسپتال مان علاج بعد فارغ ڪيو ويو آهي. ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين جي تعداد وڌڻ جو پڻ خدشو آهي.

ذريعا