شڪارپور ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ چار عورتون ڪاري هجڻ جي الزام هيٺ قتل، مارجي ويلن ۾ ٽي ڀينرون هيون

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

شڪارپور چڪ ڀرسان هٿياربندن هڪ ڳوٺ عبدو ۾ چار عورتن کي ڪاريون هجڻ جي الزام تحت بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ڇوڪرين جي مامي سميت 16 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس ذريعن مطابق جوابدارن ايوب مهر جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ايوب مهر جون ٽي ڌيئرون 17 ساله نسيم، 33 ساله صفيه، 40 ساله شهزادي ۽ سندس پٽ جي زال مارجي ويون. پوليس مطابق ڇوڪريون سکر ۾ ڪنهن مائٽ وٽ ويون هيون جنهن تي سندن مامي ناراضگي جو اظهار ڪندي انهن کي ڪاريون قرار ڏنو هو.

مارجي ويل ڀيڻن جي ڀاءَ گلبهار جو چوڻ آهي ته سندس ڀيڻن کي ڪوڙي الزام تحت قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي شڪايت سردار وٽ ڪئي وئي هئي جنهن يقين ڏياريو هو ته ڇوڪرين کي ڪجهه نه ٿيندو.

ذريعن موجب ان کان هڪ ڏينهن اڳ بخشاپور ۽ ڪرمپور ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ڪارو ڪاري الزام تحت ٻن عورتن ۽ هڪ مرد کي قتل ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته ڪارو ڪاري جا اڪثر واقعا اتر سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ ٿي رهيا آهن، قانون موجب ڪارو ڪاري تحت قتل هڪ سنگين ڏوه آهي پر ان کي نام نهاد غيرت جو نالو ڏنو ويندو آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل انگ اکرن موجب گذريل جنوري کان آگسٽ تائين سو ماڻهو ڪارو ڪاري جو شڪار ٿيا جنهن ۾ چوٽيهه مرد ۽ باقي عورتون شامل هيون. ٻئي طرف اين جي اوز جو چوڻ آهي ته واقعا ان کان ٻيڻا ٿين ٿا پر ميڊيا تي اچڻ کان رهجي وڃن ٿا.

ذريعا