صحافي سعيد سربازي لاپته، صحافي خفيه ادارن جي تحويل ۾ آهي، مختلف صحافين جو شڪ

وڪي اخبار کان

ڪراچي جي بلوچ صحافي جي لاپته ٿيڻ بابت صحافين چيو آهي ته سعيد سربازي خفيه ادارن جي تحويل ۾ آهي. ياد رهي ته سعيد سربازي هڪ انگلش اخبار بزنس رڪارڊر ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ ڪراچي پريس ڪلب جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي. چيو پيو وڃي ته اربع جي مجهند کان گم ٿي ويو آهي جنهن جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي.

صحافين، سعيد سربازيءَ جي لاپته ٿيڻ ۽ کيس جلد کان جلد بازياب ڪرائڻ خاطر خميس ۽ جمع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جو بائيڪاٽ ڪيو. سنڌ جي گهرو وزير رئوف صديقي ردعمل ۾ چيو آهي ته قانون کان ڪوبه مٿاهون نه آهي، جيڪڏهن ڪوبه مجرم آهي ته ان خلاف قانوني ڪاروائي ضروري آهي. هن صحافين کي پڪ ڏياري ته هو سعيد سربازي جي بازيابي ۾ مڪمل تعاون ڪندو، هن اهو به چيو ته صحافي پوليس جي تحويل ۾ نه آهي.

صحافين سنڌ اسيمبليءَ وٽ ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي پڻ ڪئي. هنن چيو ته اهڙي طرح ڪيترا ئي صحافي گم ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ ميهرالدين مري (جيڪو 27 جون کان گم آهي)، مڪيش، سنجي ڪمار شامل آهن. اهڙن صحافين مان گذريل ڊسمبر ۾ حيات خان مرده حالت ۾ لڌو ويو هو. جڏهن ته منير مينگل پڻ 7 اپريل کان لاپته آهي.

ڌرڻي کي پاڪستان يونين آف جرنلسٽ جي سيڪريٽري جنرل مظهر عباس خطاب ڪندي چيو ته سربازي کي حيات خان نه بڻايو وڃي، جيڪڏهن سعيد ڪو جرم ڪيو آهي ته ان تي مقدمو قائم ڪيو وڃي. ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته جيستائين مذڪوره صحافي کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي ان وقت تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

ذريعا