صحافي سعيد سربازي واپس موٽي آيو، ايجنسين اغوا ڪيو، سعيد سربازي

وڪي اخبار کان

صحافي سعيد سربازي ٽي ڏينهن لاپته رهڻ بعد واپس موٽي آيو. سعيد سربازي چيو آهي ته کيس ايجنسين اغوا ڪري کانئس بلوچستان لبريشن آرمي بابت پڇا ڳڇا ڪئي ويئي.

صحافي مطابق کيس اربع ڏينهن جڏهن هو ڀيم پوره جي علائقي مان پريس ڪلب اچي رهيو هو ته جميله چوڪ وٽ ايجنسين جي ماڻهن گن پوائنٽ تي کيس وٺي ويا. سندس چوڻ هو هن تي تشدد پڻ ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مان کين چوندو رهيس ته مان دهشتگرد نه آهيان مون کي ٻڌايو وڃي ته مونکي ڇو حراست ۾ ورتو ويو آهي. جنهن تي هنن پين پنو ڏنو ۽ چيو ته توکي بلوچستان لبريشن آرمي جي باري ۾ جيڪا معلومات آهي اها لکي ڏي. اهڙي طرح نيٺ انهن چيو ته ”اسان کي افسوس آهي اسان غلط ماڻهو کنيو آهي تون ته صحافي آهين.“

ذريعا