صحت جي عالمي اداري پاران ڊينگو وائرس فيور ۾ اينٽي بايوٽڪ استعمال نه ڪرڻ جي صلاح

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته ڊينگي وائرس فيور ۾ اينٽي بايوٽڪ دوائن جو ڪوبه ڪردار نه آهي اهي رهندو بيماري کي هٿي ڏين ٿيون. صحت جي عالمي اداري ڊاڪٽرن کي 30 صفحن تي ٻڌل گائيڊ لائن ۾ اهڙيون هدايتون ڏنيون آهن.

وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماڻهن کي پڻ ڊينگو وائرس جي واڌويجهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽرن کي اسپرين، بروفن، اينٽي بايوٽڪ جو استعمال ترڪ ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن جو بيماري کي روڪڻ ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي.

ذريعا