صدام حسين کي مليل سزا تي بش انتظاميه خوش، ايمنيسٽي انٽرنيشنل ناراض

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

صدام حسين کي مليل موت جي سزا تي آمريڪي صدر بش جو ردعمل سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن ان فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ان فيصلي کي غلط قرار ڏنو آهي.

ايمنسٽي انٽرنيشنل فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو فيصلو ناانصافي تي ٻڌل آهي. ياد رهي ته شيعه آبادي وارن علائقن ۾ ان فيصلي جو خيرمقدم ڪيو ويو آهي ۽ خوشيءَ ۾ جلوس ڪڍيا ويا آهن.

صدام کي موت جي سزا 148 ماڻهو مارائڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڏني ويئي آهي. روس ان فيصلي مان ناخوش آهي جڏهن ته برطانيه ان فيصلي کي ساراهيو آهي.

ذريعا