صدام حسين کي ڏنل ڦاهي ڪنهن به انتقامي جذبي تحت نه ڏني وئي، عراقي سرڪار

وڪي اخبار کان

1 جنوري 2007

عراقي سرڪار چيو آهي ته صدام حسين کي عدالتي حڪم تحت ڏنل ڦاهي ڪنهن به صورت ۾ انتقامي جذبي تحت نه ڏني وئي آهي.

چيو ويو آهي ته عراقي سرڪار جو اهو موقف ان موبائل وڊيو کان پوءِ واضع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪو ماڻهو صدام کي ڦاهي ڏيڻ وقت طعنه زني ڪري رهيو آهي.

ذريعن مطابق مذڪوره وڊيو صدام جي مخالفن ۽ حامين ۾ اڃا به وڌيڪ ويڇا وڌائيندي. جڏهن ته سرڪاري طور ظاهر ڪيل وڊيو مان اهڙي ڪابه ڳالهه واضع نه هئي.

ذريعا