صدر آصف جو آمريڪي دورو

وڪي اخبار کان

صدر آصف زرداري جو آمريڪي دورو..رپورٽ: زبير زرار منگي..

صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي 63 هين جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت ۽ آمريڪي صدر بش سميت اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد جي شهيد بينظير ڀٽو ايئر پورٽ تان لوڪل فلائيٽ ذريعي لنڊن جي رستي آمريڪا روانو ٿيو.

صدر آصف علي زرداري سومر ڏينهن لنڊن ۾ مختصر قيام بعد هڪ مختصر وفد سان گڏ روانو ٿيو، وفد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير سيد نويد قمر، سڌسماءَ واري وزير شيري رحمان، وزير اعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار محمود علي دراني کان علاوه سينيئر اهلڪار پڻ شامل هئا. 

22 سيپٽمبر تي صدر آصف علي زرداري جي نيويارڪ پهچڻ کان اڳ جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تان هڪ دستي بم هٿ آيو، جنهن کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ سڄو ايئرپورٽ خالي ڪرايو ويو، جيڪو صدر آصف علي زرداري جي آمد وقت ٻيهر کوليو ويو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ بم ڌماڪو پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ چئلينج آهي ۽ حڪومت دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هڪ آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ پوري دنيا سان گڏ وڙهندو. صدر آصف چيو ته آمريڪي جهازن جي پاڪستاني سرزمين تي حملا پاڪستان جي خودمختياري تي حملا آهن ۽ اهي آمريڪي فوج پاڪستان جي مرضي کانسواءِ ئي ڪيا ۽ حملا گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪئي ۽ هاڻي پاڪستاني فوج کي سرحدن جي تحفظ لاءِ واضع حڪم ڏنا ويا آهن. نيويارڪ ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش وچ ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي صدر بش جو چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. نيويارڪ ۾ ملاقات دوران صدر بش اسلام آباد بم ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙن جي صدر آصف زرداري سان تعزيت ڪئي. صدر بش چيو ته پاڪستان اسان جو اتحادي آهي ۽ ان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا ۽ سندس خواهش آهي ته پاڪ آمريڪالاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين. صدر بش سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر آصف زرداري چيو ته بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت پئي چاهي، آمريڪا ۽ ٻين دوست ملڪن جي ڪري پاڪستان ۾ جمهوريت قائم ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندا. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو، جنهن ۾ صدر آصف زرداري سميت مختلف عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري برازيل جي صدر لوئس انا سيئوڊي سلو ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم هان سيونگ سو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ بابت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.. صدر آصف علي زرداري ۽ ڀارت جي وزيراعظم من موهن سنگهه وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، نيويارڪ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان جي صدر ۽ ڀارتي وزيراعظم وچ ۾ انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جيڪا 35 منٽن تائين جاري رهي. من موهن سنگهه چيو ته ملاقات ۾ سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هو انتهائي مطمئن آهي سندس چوڻ هو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪندو.. صدر زرداري جو چوڻ هو ته هو وزيراعظم من موهن سنگهه جي تجربي مان فاعدو وٺڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر آصف چيو ته من موهن سنگهه سان ڪشمير مسئلي ۽ سرحد پار دهشتگردي سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. خميس ڏينهن صدر آصف زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي چيني وزيراعظم وين جيا بائو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيني وزير اعظم اسلام آباد بم ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو ته چين پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ان موقعي تي صدر آصف زرداري چين جي حمايت تي چيني وزير اعظم ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو نيويارڪ جي مائونٽ سينائي اسپتال ۾ دل جي ماهر ڊاڪٽر جاويد سليمان، مارٽر گولڊ مين ۽ سمين شرما جو معائنو ڪيو. ڊاڪٽر جاويد سليمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر آصف جي دل ۽ هو پاڻ تندرست آه ۽ ٽيسٽن جي رپورٽن موجب صدر آصف زرداري جي دل جو متاثر حصو به صحيح انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو مڪمل صحتمند آهي. صدر آصف علي زرداري ريپبلڪن پارٽي جي نائب صدارتي اميدوار سارا پالن سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران پاڪ – آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي وٺ ڪئي. صدر آصف زرداري سارا پالن سان انتهائي گرم جوشي سان استقبال ڪيو ۽ ان جي خوبصورتي جي تعريف ڪندي چيو ته هو سمجهي سگهي ٿو ته آخر تمام گهڻا آمريڪي سندس ديوانا ڇو آهن. صدر آصف علي زرداري جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته هو اميد ٿو ڪري ته مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ جاپان جا تعلقات وڌيڪ مضبوط هوندا ۽ ٻنهي ملڪن جو هڪ ٻئي سان تعاون جاري رهندو. صدر آصف علي زرداري بان ڪي مون سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ آزاد ڪميشن کان ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ان موقعي تي گڏيل قومن ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ ٿيندڙ معاونت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف زرداري فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي، افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي، آمريڪا جي پرڏيهي وزير ڪونڊوليزا رائيس ۽ آمريڪا جي نائب وزير خزانا سميت ٻين عملدارن سان پڻ گڏجاڻيون ڪيون. صدر آصف زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو بندوقن ۽ بمن سان کٽي نه ٿي سگهجي سندس چوڻ هو ته اسان دهشتگردي جو سبب نه پر پاڻ ان جو شڪار آهيون. هن چيو ته هو ان ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي. صدر آصف زرداري چيو ته دنيا جي عظيم ليڊر ۽ سندس گهرواري شهيد بينظير ڀٽو کي پڻ دهشتگردن آپگهاتي بم حملي ذريعي قتل ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي آندي ويندي ۽ ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڀارت سان ڳالهيون جاري آهن. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف هڪ جمهوري حڪومت ئي جنگ کٽي سگهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ عوام جي چونڊيل حڪومت قوم جي مدد سان دهشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿي.