صدر مشرف بي نظير ڀٽو تان سمورا ڪيس بند ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، حاڪم علي زرداري

وڪي اخبار کان

4 نومبر 2006

پ پ پ اڳواڻ ۽ آصف علي زرداري جي پيءَ حاڪم علي زرداري چيو آهي ته صدر مشرف سان گهڻي وقت کان پ پ جون خفيه ڳالهيون هلندڙ آهن. جنهن ۾ ڪجهه پيش رفت پڻ ٿي آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر مشرف اها آڇ پڻ ڪئي آهي ته بي نظير ڀٽو جا سمورا ڪيس ختم ڪيا ويندا ۽ کيس اقتدار ۾ پڻ ڀاڱيدار بڻايو ويندو.

هن جو چوڻ هو ته پ پ ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي پ پ فوج سان ڪنهن به صورت ۾ اقتدار جي ڀائيواري نٿي چاهي. هن بي نظير ۽ آصف جي اختلافن بابت چيو ته اهي بي بنياد ڳالهيون آهن انهن ۾ ڪابه سچائي نه آهي.

ذريعا