صدر مشرف جي واپس اچڻ تائين حدود آرڊنينس جو بل اڳتي نه وڌندو، بل تي تبصرا هلندڙ

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي انسان حقن وارين 11 تنظيمن گڏيل گُهر ڪئي آهي ته حدود آرڊنينس کي ختم ڪيو وڃي. انهن جو چوڻ هو ته اهڙو قانون جنهن ۾ اهو چيل هجي ته جيڪڏهن ڪنهن عورت سان زنا باالجبر ٿي هجي ته ان کي چار گواهه پيش ڪرڻا پوندا، اهڙو قانون اسلام جي نظام کي تڪراري بنائڻ ۽ دنيا ۾ اسلام کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه آهي.

ياد رهي ته اهو آرڊنينس 1979ع کان لاڳو ڪيو ويو هو، تازو ان کي قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمن سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان مان چار گواهن وارو شرط پڻ ميساريو ويو آهي. عورت فائونڊيشن جي نعيم مرزا جو چوڻ هو ته اهو قانون اسلام جي خلاف منفي پروپيگنڊا کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

خبرن مطابق گورنمينٽ طرفان ڪوشش ڪئي ويندي ته بل کي صدر مشرف جي واپس موٽڻ تائين مهمل رکيو ويندو، صدر مشرف هن مهيني جي آخر ۾ پاڪستان واپس ورندو.

ذريعا