صدر مشرف غير مهذب اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪرڻ جو خواهشمند نه آهي، شيرافگن

وڪي اخبار کان

11 نومبر 2006

پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيرافگن چيو آهي ته صدر مشرف غير مهذب اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪرڻ جو خواهشمند نه آهي. هن چيو ته عورتن بابت بل ايندڙ جمعي تي پاس ڪرايو ويندو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته صدر قوم جي ٻڌيءَ جي علامت آهي تنهنڪري اسيمبلي ميمبرن کي سنجيده ٿيڻو پوندو انهن کي صدر جي باري ۾ غير مهذب ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

ٻئي طرف قاضي حسين احمد چيو آهي ته جيڪڏهن عورتن بابت بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويو ته هو پنهنجي ساٿين سميت اسيمبلي ميمبرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏيندو.

ذريعا