صدر مشرف ڪتاب ۾ غلط بياني ڪئي آهي، ڊاڪٽر قدير جي ڌي دينا

وڪي اخبار کان

ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڌي 2004ع ۾ سندس گرفتاري کان پوءِ پهريون بيان جاري ڪندي چيو آهي ته صدر مشرف پنهنجي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو غلط بياني تي ٻڌل آهي.

ياد رهي ته صدر مشرف پنهنجي ڪتاب ”ان د لائن آف فائر“ ۾ لکيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجي ڌيءَ دينا کي خط لکيو هو ته هڪ برطانوي صحافي ذريعي ايٽمي راز کولي ڇڏ، ڊاڪٽر قدير جي ڌي صدر جي اهڙي بيان کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته مذڪوره خط سندس لاءِ نه بلڪه منهنجي ماءَ لاءِ لکيو ويو هو ۽ ان ۾ اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي اصل ۾ ٿي گذريون هيون.

دينا جي چوڻ مطابق خط ۾ اهو چيو ويو هو ته جيڪڏهن کيس (ڊاڪٽر عبدالقدير کي) ڪجهه ٿي وڃي يا کيس ماريو وڃي ته پوءِ حقيقي ڳالهين کي منظر عام تي اچڻ گهرجي. هن جو چوڻ آهي ته خط ۾ ايٽمي رازن جو ذڪر نه آهي.

ڊاڪٽر جي ڌي دينا جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس پيءُ سان ملڻ جي اجازت مليل نه هئي بلڪه هڪ سال تائين ته کيس پاڪستان اچڻ جي اجازت پڻ ڪانه هئي. اسان جي ايندڙ سموري ٽپال کولي ويندي هئي، اسان جا فون ٽيپ ڪيا ويندا هئا ۽ اسان جي گهر جي جاسوسي پڻ ڪئي ويندي هئي.

ياد رهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اڃا تائين نظربند آهي ۽ تازو سندس مثاني جو آپريشن پڻ ڪراچي ۾ ٿي گذريو آهي. دينا جي چوڻ مطابق ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڊاڪٽر صاحب نظربندي دوران ئي مري وڃي ۽ ماڻهو کيس وساري ڇڏين.

ذريعا