صوبن کي مڪمل خودمختياري ڏني وڃي، پ پ شهيد ڀٽو چيئرپرسن غنوا ڀٽو

وڪي اخبار کان

24 آڪٽوبر 2006

پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنوا ڀٽو چيو آهي ته صوبن کي مڪمل صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. هن اها ڳالهه صحافين سان ڳالهائيندي لاڙڪاڻي ۾ ڪئي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي خودمختياري صوبن جو بنيادي حق آهي جيڪو کين ڏنو وڃي.

غنوا ڀٽو سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته گورنمينٽ ٻيٽن کي ميگا سٽي طور جوڙڻ جا منصوبا ٺاهي رهي آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو روزانو فٽ پاٿن تي سمهن ٿا.

ذريعا