صوبي سرحد جي اسيمبلي حسبه بل وڏي اڪثريت سان پاس ڪري ورتو، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

وڪي اخبار کان

13 نومبر 2006

سرحد اسيمبلي حسبه بل کي وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي ان موقعي تي اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري اسيمبلي مان ٻاهر نڪري ويا.

ذريعن مطابق اپوزيشن ميمبر اسيمبلي ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي آيا هئا. انهن بل پيش ٿيڻ وقت ان تي تمام گهڻي تنقيد پڻ ڪئي ۽ نيٺ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر نڪري ويا.

ان بل کي قانون طور رائج ڪرڻ لاءِ گورنر جي صحيح ٿيڻ ضروري آهي. اهو بل اڳ به اسيمبلي ۾ پيش ٿيو هو. سپريم ڪورٽ ان ۾ ڪيترن ئي تبدلين جي هدايت ڪئي هئي.

ذريعا