صوبي سرحد جي شهر پشاور جي ايئرپورٽ تي ڌماڪو هڪ ماڻهو مارجي ويو

وڪي اخبار کان

26 ڊسمبر 2006

پاڪستاني صوبي سرحد جي شهر پشاور ايئرپورٽ تي هڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو آهي. ان بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

ذريعن مطابق بم ڌماڪو ايئرپورٽ جي داخلا گيٽ ٻاهران بيٺل گاڏين ۾ ٿيو. مذڪوره گاڏي هڪ فوجي گرائونڊ ڀرسان بيٺل هئي. چيو ويو آهي ته ڌماڪو انتهائي زوردار هو.

ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به ڌر نه قبولي آهي، پوليس ذريعن مطابق ڌماڪي جي جاچ شروع ڪئي ويئي آهي جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

ذريعا