صوبي سرحد جي شهر ۾ پروفيسر جي قتل بعد هنگاما، 4 ماڻهو مارجي ويا
ڏيک
24 ڊسمبر 2006
پاڪستاني صوبي سرحد جي شهر ڊيرا اسماعيل خان ۾ هڪ پروفيسر جي قتل بعد احتجاج سبب هنگاما شروع ٿي ويا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو مارجي ويا آهن.
پوليس مطابق عيد گاه ۾ هڪ جنازي ۾ شريڪ چار ماڻهن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ڪري اهو واقعو پيش آيو. پنج ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.
ياد رهي ته پروفيسر جو تعلق فقه جعفريه سان هو ۽ مقتول شاعر هجڻ سان گڏ ذاڪر پڻ هو.