طالبان جا هٿ ٻيهر پنهنجين قبرن مان نڪري رهيا آهن، تجزيو

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

ٽي سال اڳ آمريڪا اعلان ڪيو هو ته عراق ۾ ڪم پورو ٿيڻ وارو آهي، اڄ تائين ٻه هزار فوجي مارجي وڃڻ ۽ ويهه هزار فوجين جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ به اهو ڪم اڃا مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.

تجزيي ۾ لکيو ويو آهي ته چيو ويو ته عراق نيوڪلئر بم جي قابليت رکي ٿو ۽ دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي پر اڄ اُتر ڪوريا نيوڪلئر بم جو مالڪ آهي ۽ ٽيسٽون ڪري رهيو آهي.

تجزيي مطابق ايران جيڪو پڻ نيوڪلئر بم جي قابل آهي ان کي ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي ۽ ٻئي طرف اُسامه لاءِ روز چيو پيو وڃي ته هو پاڪستان جي جابلو علائقن ۾ لڪل آهي جڏهن ته پاڪستان پڻ نيوڪليئر بم جوڙي چڪو آهي.

افغانستان جي حوالي سان لکيو ويو آهي ته ٻڌايو پئي ويو ته افغانستان جي صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي جڏهن ته طالبان جون سرگرميون اڳي کان وڌي رهيون آهن ۽ اهي پنهنجين قبرن مان ٻيهر هٿ ٻاهر ڪڍي رهيا آهن.

ذريعا