طالبان جي واپسي، پاڪستان افغان بارڊر ڀرسان قبائلي علائقن ۾ طالبان جون سرگرميون جاري

وڪي اخبار کان

30 نومبر 2006

پاڪستان افغان بارڊر ڀرسان قبائلي علائقن ۾ طالبان جون سرگرميون جاري آهن. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت آمريڪين هٿان ختم ٿيڻ بعد ملا احسان الله جي سربراهي ۾ سکيا ڪيمپون هلي رهيون آهن.

ذريعن موجب ملا احسان طالبان حڪومت ۾ خفيه ايجنسيءَ ۾ هو جيڪو هاڻ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ گوريلن کي سکيا ڏياري رهيو آهي.

ملا احسان چيو آهي ته ڀرتيون ۽ سکيا جاري آهي نئين ٽهي کي خودڪش حملن بابت پڻ سکيا ڏني پئي وڃي. اهڙي سکيا جي ڪري افغانستان ۾ هر مهيني تقريبن 600 حملا ڪيا ويندا آهن.

هن چيو ته افغانستان ۾ طالبان ويڙهاڪ ڳوٺاڻن کي ڏوهاري ٽولن کان بچائي رهيا آهن. آمريڪي فوجن جي بمباري سان ويڙهاڪن سميت عام شهرين کي پڻ ماريو ويو آهي جنهنڪري اسان لاءِ همدردي پيدا ٿي آهي.

ٻئي طرف پوليس ذريعن جو پڻ اهو ئي چوڻ آهي ته ڪيترن ئي افغاني علائقن ۾ ڏوهاري ٽولن کي پوليس تحفظ مهيا ڪري رهي آهي، ڊرگ مافيه جا تعلقات افغان سرڪار جي بالا اختيارين تائين آهن.

ذريعا