طالبان درگئي حملي جي ذميواري قبولي ورتي، اهو محض شوشو آهي، حڪومت

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

طالبان درگئي ۾ فوجي ٽريننگ سينٽر تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي جنهن ۾ 42 فوجي مارجي ويا هئا. ٻئي طرف حڪومت جو چوڻ آهي ته اهڙو بيان قياس آرائي آهي اهڙين خبرن تي تبصري جي ضرورت نه آهي.

هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو مشهور صحافي رحيم الله يوسف زئي کي فون ڪري حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته حملو مقامي طالبان ڪيو آهي.

ٻئي طرف فوج جي ترجمان شوڪت سلطان ان ڳالهه کي قياس آرائي سڏيندي تبصري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعا