طالبان سان ڳالهيون ڪريو، پاڪستاني سينيٽرن جي برٽش پارليامينٽرين کي صلاح

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

پاڪستاني سينيٽرن برٽش جي پارليامينٽرين کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته طالبان سان امن ڳالهيون ڪيون وڃن.

پاڪستاني سينيٽرن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ واشنگٽن جي غلط پاليسين جي ڪري حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن. حالتن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون ڪيون وڃن. برٽش پارليامينٽرين سان ملاقات ڪندڙن ۾ مشاهد حسين پڻ شامل هو.

ان موقعي تي چيو ويو ته افغانستان ۾ سڀني سان امن ڳالهيون نه پيون ڪيون وڃن خاص طور انهن سان جن جي ڪري حالتون خراب ٿي رهيون آهن. مشاهد حسين ان ڳالهه کي رد ڪيو ته پاڪستان حالتن جي سڌاري لاءِ ڪجهه نه پيو ڪري. اصل ۾ افغانستان ۾ موجود نيٽو ۽ اولهه جون فوجون پنهنجي ذميواري ۾ خاميون مڃڻ لاءِ تيار نه آهن.

ذريعا

Pak senators ask Nato to talk to Taleban