طالبان ويڙهه ۾ سرگرم ٿي رهيا آهن تنهنڪري انهن کي اقتدار ۾ ڀائيوار ڪيو وڃي، قصوري

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته طالبان ويڙه ۾ سوڀارا ٿي رهيا آهن تنهنڪري کين اقتدار ۾ ڀائيوار ڪيو وڃي ۽ افغانستان ۾ وڌيڪ نيٽو فوجون نه گهرايون وڃن.

قصوري خانگي بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ته هن جي صلاح آهي ته طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هن اهو به چيو ته نيٽو جون وڌيڪ فوجون افغانستان ۾ نه گهرايون وڃن.

اولهه جي ذريعن مطابق اصل ۾ قصوري جو مطلب آهي ته طالبان اڳيان جُهڪي وڃو. انهن دعوا ڪئي ته پاڪستان ۽ قبائلين وچ ۾ ٿيل امن معاهدو ناڪام ثابت ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج تي حملا وڌي ويا آهن.

ذريعن مطابق ڪيترن ئي افغانين جو چوڻ آهي ته صدر مشرف طالبان کي ٻيهر مضبوط ڏسڻ جو خواهشمند آهي.

ذريعا