طالبان پاڪستان کي پنهنجي لاءِ غيرمحفوظ هنڌ قرار ڏئي ڇڏيو، بي بي سي کي ٽيليفون تي پيغام
ڏيک
14 ڊسمبر 2006
طالبان جي ترجمان قاري محمد يوسف بي بي سي کي ٽيليفون ڪري چيو آهي ته پاڪستان هنن لاءِ غيرمحفوظ هنڌ آهي تنهنڪري ان ڳالهه ۾ ڪابه سچائي نه آهي ته طالبان کي پاڪستان جي مدد يا حمايت حاصل آهي.
ياد رهي ته افغان انتظاميه پاڪستان تي طالبان جي مدد جا الزام هڻندي رهي آهي. طالبان ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان پنهنجي ملڪ ۾ آمريڪين خلاف جهاد ڪري رهيا آهن، پاڪستان سان انهن جو ڪوبه تعلق نه آهي ۽ نه ئي هو انهن جي مدد ڪري رهيا آهن.