طالبان کي پختون نه پر فوج پاڻ پيدا ڪيو آهي پختونن خلاف الزام بازي بند ٿيڻ گهرجي، اسفند يار ولي

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراه اسفند يار ولي چيو آهي ته طالبان کي پختونن نه پر فوج آمريڪا کان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي. ان بهاني پختونن تي الزام بازي بند ٿيڻ گهرجي.

هڪ جلسي عام کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ايم ايم اي مذهب جو نالو استعمال ڪندي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي ۽ هاڻي انهن جي پت وائکي ٿي پئي آهي. افغانستان ۾ بدامني هتان جي پختونن کي پڻ نقصان رسائي رهي آهي. پختونن جي ڦرمار جاري آهي جنهن خلاف جدوجهد جي ضرورت آهي.

ذريعا